Indus Valley News

The largest Urdu web site of the world, Urdu News, Urdu Poetry, Horoscope, Technology, Weather, Business, Sports, Health, Islam, Women, Show-biz, Addab, Islamic Names, Articles resources.breaking news, instant news, top news, latest news, today’s news, world news, Pakistan news, View latest news updates from Pakistan and around the world. Published both in Urdu and English.

Ads Here

Tuesday, May 12, 2020

”سنڌ حڪومت ڪورونا بابت انگ اکر وڌائي پيش ڪري رهي آهي“



”سنڌ حڪومت ڪورونا بابت انگ اکر وڌائي پيش ڪري رهي آهي“



ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ خرم شير زمان سنڌ حڪومت تي الزام هڻندي چيو آهي ته پ پ صوبي ۾ ڪورونا وائرس بابت انگ اکر وڌائي پيش ڪري رهي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر خرم شير زمان چيو اسپتال وڃون ٿا ته خبر پئي ٿي اتي ڪورونا وائرس سان ڪا فوتگي ٿي ئي ناهي.

هن چيو وڏي وزير پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته صوبي ۾ ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو وزيراعظم جو آهي پر ائين ناهي، سنڌ حڪومت ايس او پيز ٺاهي بنا دير صوبي ۾ مارڪيٽون کولڻ جو بندوبست ڪري.

سندس موجب سنڌ حڪومت وٽ اختيار آهن ۽ وڏو وزير اڃا تائين ڪاروبار کولڻ لاءِ معياري ضابطي ڪار ئي ناهي ٺاهي سگهيو، وزيراعظم 28 ارب رپيا سنڌ جي عوام کي ڏنا آهن، جڏهن ته وڏو وزير رڳو نوٽيفڪيشن ڏئي رهيو آهي.
خرم شير زمان چيو ته پنجاب ترقي ڪري رهيو آهي ۽ خيبر پختونخواهه ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ پوئتي وڃي رهيو آهي ۽ سنڌ جو حال موهن جي دڙي جهڙو ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ جو چوڻ هو ته اهي سنڌ ۾ اڄ تائين صفائي جو نظام ٺيڪ ناهن ڪري سگهيا، ڪاش پ پ سنڌ جي اسڪولن ۽ اسپتالن کي ٺيڪ ڪري ڇڏي ها.

No comments:

Post a Comment

تازہ ترین خبروں، ویڈیوز اور آڈیوز کے لیے آئیے۔ دنیا بھر کی خبروں کے حصول کے لیے ایک قابلِ اعتماد ویب سائٹ ہے